ٿاڻوبولاخان( ) پيس ڪونسل پاڪستان طرفان پاڪ فوج سان يڪجھتي طور پريس ڪلب ٿاڻوبولاخان کان سينٽرل چيئر مين ڊاڪٽر ليکراج لالواڻي جي اڳواڻي ۾ شھيد بينظير چوڪ تائين امن ريلي ڪڍي ويئي جنھن ۾ پيس ڪونسل پاڪستان بولاخان جي صدر گھنشام داس نائب صدر رب نواز ميمڻ جي ڪاوشن سان امن ريلي ۾ شريڪ پ پ تعلقو ٿاڻوبولاخان سميت مختلف سماجي تنظيمن جن ۾ پيس ڪونسل پاڪستان ،المھراڻ ويلفئر فائونڊيشن ،سرھاڻ ويلفيئر فائونڊيشن،اي ڊي ايف اڳواڻن معشوق حملاڻي ،محمد حسين خاصخيلي ،غوث بخش خاصخيلي ،شيخ عبدالله ڪوھستاني ،ٽائون چيئرمين عبدالعزيز ميمڻ ،سميت شھرين واپارين اڳواڻن رميش ڪمار سامناڻي ،حاجي عبدالعزيز ميمڻ سميت ماڻھن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
امن ريلي کي خطاب ڪندي پيس ڪونسل پاڪستان سينٽرل چيئرمين ڊاڪٽر ليکراج لالواڻي،ڪشنچند ھاساڻي ٽائون چيئرمين عبدالعزيز ميمڻ محمد حسين خاصخيلي ،غوث بخش خاصخيلي ، معشوق حملاڻي ،عبدالرحمان گبول ،غلام مصطفي برفت عباس حملاڻي ٻين چيو ته پاڪستان جو عوام پنھنجي بھادر فوج سان ھر محاذ تي گڏ آھي مودي انتھا پسند آھي جيڪو پاڪستان خلاف محاذ آرائي ڪرائي عالمي امن کي نقصان پھچائي دنيا کي جنگ طرف ڌڪي پنھجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ چاھي ٿو پاڪستان جي حڪومت ،فوج عوام امن چاھي ٿو انڊيا جي ميڊيا غير ذميواري جو مظاھرو
ڪري رھي آھي ۽ جيڪا عالمي امن کي نقصان پھچائڻ جي شازش آھي ايٽمي جنگ ٻنھي ملڪن لا نقصان ڪار آھي ڀارت جي مودي سرڪار پھرين گجرات ۾ بي گناھ مسلمانن جو قتل ڪيو ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي جو ظلم جاري آھي روز ڀارتي فوج سوين بيگناھ ڪشميري مسلمانن جو قتل عام ڪري رھي آھي مودي سرڪار ڊراما ڪري اليڪشن کٽڻ لا پاڪستان خلاف جنگ ڪرڻ لا جنون ۾ اچي ڪري عالمي امن کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي پر پاڪستان جنگ نه پر امن چاھي ٿو اسان امن واري ڳالھ کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي اگر پاڪستان خلاف ڪو به وار ٿيو ته پاڪ فوج سان گڏ پاڪستان جو عوام انڊيا کي اھڙو منھن ٽوڙ جواب ڏيندو کين ٻيھر پاڪستان ڏانھن ميري اک کڻڻ جي ھمٿ نه ٿيندي پاڪستان فوج ۽ عوام متحد آھن
No comments:
Post a Comment